پاڪستانسنڌ

ڪنڊيارو ڀرسان معمولي ڳالهه تان جهيڙو، عورت قتل، 2 زخمي

ڪنڊيارو: ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ ساجن مڱريو ۾ معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ ڪري 55 سالن جي بيبل خاتون موقعي تي قتل ٿي وئي. جڏهن ته 30 سالن جي جنت مڱريو ۽ محمد سليم زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف اطلاع تي پوليس پهچي مقتول عورت جو لاش ۽ زخمين کي تعلقا اسپتال پهچايو. هوڏانهن مقتول عورت جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته عورت جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ڀت جي معاملي تان ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button