فريدآباد: فريدآباد ۾ هيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن ضلعي دادو جي اڳواڻن سڪندر بروهي، پير محمد ڏيرو، عبدالستار بروهي، محرم رند، اصغر بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي ايڇ او دادو عبدالحميد شيخ خلاف 28 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
هنن چيو ته ڊاڪٽر عبدالحميد شيخ انسان دشمن ڊاڪٽر آھي، جيڪو پنهنجي پرائيويٽ سليمان ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ٻھراڙي جي غريب مريضن جي تذليل ڪندو رهي ٿو.
هنن مطالبو ڪيو ته نااهل ڊي ايڇ او دادو خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کيس عهدي تان هٽايو وڃي.