پاڪستانسنڌ

ڦلجي اسٽيشن لڳ سگا پيارو اسٽيشن پاران ٽي بي جي علاج جي ڪيمپ لڳائي وئي

ڦلجي اسٽيشن: سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) شاخ پيارو اسٽيشن ۽ برج ڪنسلٽنٽ فائونڊيشن جي سهڪار سان ڳوٺ حافظ عرض محمد کوسو ۾ ھڪ ڏينهن جي مفت ٽي بي جي علاج جي ڪيمپ لڳائي وئي.

ڪيمپ جو افتتاح جاويد احمد کوسو، سگا جي صدر نياز ابڙو، جنرل سيڪريٽري عبدالرزاق پنهور، عبدالڪريم ملاح، عابد ملاح، مشتاق کوسو ۽ ٻين ڪيو.

ڪيمپ ۾ ڊاڪٽر فراز احمد چنه، تيمور سومرو پنهنجي صحت ٽيم سان گڏ خدمتون سرانجام ڏنيون، ڪيمپ ۾ ٽوٽل او پي ڊي 45 ٿي، ڊجيٽل ايڪسري ۽ جديد مشين ذريعي ايڪسري ۽ ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 2 ڪيس هاڪاري ظاهر ٿيا، جن کي علاج جو مفت ڪورس ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button