پاڪستانپنجاب

تحريڪ لبيڪ جو سربراهه سعد رضوي جيل مان آزاد ٿي ويو

لاهور: تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه سعد حسين رضوي کي ڪوٽ لکپت جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ترجمان موجب آزادي کانپوءِ سعد رضوي مسجد رحمت اللعالمين پهچي ويو آهي. سعد رضوي اڄ پنهنجي والد علامه خادم حسين رضوي جي عرس تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. عرس جون تقريبون 21 نومبر تائين جاري رهنديون. ان حوالي سان گهرو وزارت جي ذريعن موجب سعد رضوي کي پهريون ڀيرو اپريل 2021ع ۾ هڪ مهيني جي لاءِ نظر بند ڪيو ويو هو، کيس ڊي سي جي حڪم تي نظر بند ڪيو ويو هو ۽ نظربندي جي دوران سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊول ۾ شامل ڪيو ويو هو. واضح رهي ته حڪومت ۽ ٽي ايل پي وچ ۾ معاهدي کانپوءِ ان جي آزادي عمل ۾ آئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button