اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل خلاف درخواستن تي سڀاڻي شنوائي

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني لارجر بئنچ چيف جسٽس جا اختيار گهٽائڻ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) بل 2023 خلاف داخل درخواستن جي سڀاڻي اڱاري تي منجهند ساڍي 12 وڳي ٻيهر شنوائي ڪندي. جاري ڪيل روسٽر مطابق 8 رڪني بئنچ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنيال جسٽس اعجازالاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشا ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس اعجازالاحسن، جسٽس شاهد وحيد شامل آهن. ٽئي درخواستون آئين جي آرٽيڪل 184 (3) جي تحت ايڊووڪيٽ محمد شفيع منير، راجا عامر خان، چوڌري غلام حسين ۽ ٻين داخل ڪيون هيون. درخواست گذارن درخواست ڪئي ته جيستائين درخواست التوا هيٺ آهي، ان وقت تائين بل کي معطل ڪيو وڃي ۽ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي بل منظور نه ڪرڻ جي هدايت ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button