پاڪستانسنڌ

دادو لڳ مسافرن کان ڦرلٽ،مزاحمت تي ڦورو نوجوان کي گولي هڻي فرار

دادو: دادو ڀرسان خدا آباد ٿاڻي جي حد انڊس ھائي وي تي ھٿياربند ايندڙ ويندڙ مسافرن کان هڪ ڪلاڪ تائين يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪندا رهيا، مزاحمت تي هٿياربندن هڪ نوجوان کي گولي ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو. خدا آباد ٿاڻي جي حد انڊس هائي وي تي هٿياربندن هٿيارن جي زور تي ايندڙ ويندڙ گاڏين کي روڪي مسافرن کي يرغمال بڻائي لکين رپين جي ڦرلٽ ڪئي، مزاحمت تي نوجوان رانجهن چانڊيو کي ٻانهن ۾ گولي هڻي زخمي ڪرڻ بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، زخمي نوجوان کي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو، واقعي خلاف متاثر مسافرن انڊس هائي وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. هنن دانهيو ته دادو ۾ بدامني وڌي وئي آهي، لنڪ روڊ توڙي انڊس هائي وي ڏوهارين حوالي ٿيل آهن، ڪوبه شهري محفوظ ناهي، مسلسل هڪ ڪلاڪ تائين انڊس هائي وي تي هٿياربندن هٿيارن جي زور تي 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪلون، روڪ رقم، موبائل فون ڦر ڪيا، هڪ ڪلاڪ تائين پوليس نه پهتي، هٿياربندن فائرنگ ڪندا آساني سان فرار ٿي ويا. متاثرن ڊي آئي جي حيدرآباد کان دادو ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڏوهارين کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون ۽ فون توڙي رقم واپس ڏياري وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button