پاڪستانسنڌ

اليڪشن نه ڪرائڻ خلاف سنڌڙي ۾ تحريڪ انصاف جو مظاهرو

سنڌڙي: سنڌڙي ۾ وفاقي سرڪار پاران اليڪشن نه ڪرائڻ خلاف تحريڪ انصاف پاران مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي تحريڪ انصاف ميرپورخاص ضلعي صدر آفتاب قريشي، اڪبر، عزيز لغاري، ناصر ملڪ، جميشد سومرو، اسد ھاليپوٽو، برڪت ڪنڀر ۽ ٻين چيو ته اليڪشن وقت تي ڪرايا وڃن، جنھن پارٽي کي عوام منتخب ڪري، ڀلي اھا حڪومت ڪري، پر امپورٽڊ حڪومت اليڪشن کان ڀڄي ڇو ٿي، اسان چاھيون ٿا اليڪشن ذريعي عوام پاڻ چونڊيل نمائندن حوالي اقتدار ڪري، پر هي سرڪار چونڊن کان ڀڄي رهي آهي. هنن گهر ڪئي ته انتقامي ڪاروايون بند ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button