پاڪستانسنڌ

ساگر حنيف بڙدي هميشه ڌرتي لا آواز اٿاريو: نياز ڪالاڻي

پڊعيدن: سنڌ ۽ سيد جي يگاني عاشق لطيف جي پارکو شهيد ساگر حنيف بڙدي جي 54 سالگرھه پڊعيدن جي امر وحيد شادي هال ۾ ملهائي وئي. جڏهن ته جسقم ڪارڪنن نصرت ڪئنال پل کان شهيد جي مزار تائين پيادل ريلي ڪڍي حاضري ڀري. ان موقعي تي جسقم جي وائيس چيئرمين امجد مهيسر، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرفراز احمد ميمڻ، فقير امداد منگي، پنهل ساريو، آصف راهوجو، علي رضا خاصخيلي، جساف اڳواڻ سهيل ڀٽو، امتياز کوسو، امين ڪلهوڙو، بلاول ڏاهري، سارس راڄپر، نويد اڄڻ، آزاد بڙدي، سارنگ بڙدي، حق پلهھ، آفتاب بڙدي ۽ ٻين چيو ته ساگر حنيف بڙدي ٽهڪ ڏئي ڪيترائي ماڻهو ميڙي وٺندو هو، هن هميشه سنڌ ڌرتي لا آواز اٿاريو ۽ تاريخ ۾ امر بڻجي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button