اسلام آبادپاڪستان

ان نتيجي تي پهتا آهيون،معاملو سياسي عمل تي ڇڏيو وڃي:چيف جسٽس

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن اليڪشن ڪرائڻ جي حوالي سان درخواست تي ريمارڪس ڏنا آهن ته ان نتيجي تي پهتا آهيون ته معاملو سياسي عمل تي ڇڏيو وڃي. رپورٽ فنانس منسٽر جي صحيح سان جمع ڪرائي وئي آهي، حڪومتي جواب ۾ آئي ايم ايف معاهدي تي زور ڏنو ويو. عدالت ۾ اشو آئيني آهي سياسي نه آهي. سياسي معاملو عدالت سياسي جماعتن تي ڇڏي ٿي. هي قومي ۽ عوامي اهميت سان آئين تي عملداري جو معاملو آهي. 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ تي عدالت فيصلو ڏئي چڪي آهي. گذريل ڏينهن رات ڏي وي تي ٻنهي ڌرين جو موقف ٻڌو، ڳالهيون ناڪام ٿيون ته عدالت 14 مئي جي فيصلي کي وٺي نه ويهي رهندي. آئيني ڪارروائي کي حڪومت سنجيده نه ورتو، سنجيدگي جو اهو عالم آهي جو حڪومت نظرثاني اپيل داخل نه ڪئي. اڳ به چيو هو ته سياست عدالتي ڪارروائي ۾ گهڙي چڪي آهي، اسان سياست جو جواب نه ڏينداسين، الله جي سامهون آئين جي دفاع جو حلف ورتو آهي. معاشي، سياسي معاشرتي سيڪيورٽي بحرانن سان گڏوگڏ آئيني بحران به آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن کي سنجيده ٿيڻو پوندو. جمعي تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪيس جي شنوائي ڪئي. اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ سميت ڌرين جا وڪيل ۽ سياسي اڳواڻ به عدالت ۾ پيش ٿيا. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته خواجا سعد رفيق ۽ شاهه محمود قريشي ٻئي نظر اچي رهيا آهن. فاروق ايڇ نائڪ اتحادي حڪومت جو جواب عدالت ۾ پڙهي ٻڌايو. فاروق ايڇ نائڪ عدالت کي ٻڌايو ته قرضن ۾ 78 سيڪڙو گردشي قرضن ۾ 125 سيڪڙو اضافو ٿي چڪو آهي، ٻوڏ سبب 31 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو. هن دليل ڏنا ته اسيمبلي ٽوڙڻ کان اڳ بجيٽ، آئي ايم ايف معاهدو ۽ ٽريڊ پاليسي جي منطوري لازمي آهي. ليول پلينگ فيلڊ هڪ ڏينهن چونڊن تي اتفاق ٿيو. هن چيو ته اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ تي اتفاق نه ٿي سگهيو، ملڪي مفاد ۾ ڳالهين جو عمل بحال ڪرڻ لاءِ حڪومت تيار آهي. هرحال ۾ هن ئي سال هڪ ڏينهن اليڪشن ٿيڻ گهرجي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته آئي ايم ايف قرض ذخيرن ۾ استعمال ٿيندو يا قرض لاهڻ ۾، جنهن تي فاروق ايڇ نائڪ ٻڌايو ته اهو جواب ناڻي وارو وزير ڏئي سگهي ٿو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسيمبلي تحليل ٿيڻ تي به بجيٽ لاءِ آئين چئن مهينن جو وقت ڏي ٿو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا بجيٽ آئي ايم ايف جي پئڪيج تحت ٺهي ٿي؟ اخبارن مطابق دوست ملڪ به قرض آئي ايم ايف پئڪيج کان پوءِ ڏيندا چيف جسٽس پڇا ڪئي ته ڇا پي ٽي ائي بجيٽ جي اهميت کي قبول ڪيو يا رد ڪيو. آئين ۾ چونڊن لاءِ 90 ڏينهن جي حد کان ڪوئي انڪار نٿو ڪري سگهجي. چيف جسٽس چيو ته عدالت پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرڻو آهي، آئين مطابق پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ آئين استعمال ڪري سگهجي ٿو. چيف جسٽس ٻڌايو ته عدالت صرف پنهنجو فرض ادا ڪرڻ چاهي ٿي، چيو ويو ته ماضي ۾ عدالت آئين جو احترام ناهي ڪيو ۽ رستو ڪڍيو. عدالت احترام ۾ ڪنهن ڳالهه جو جواب ناهي ڏنو، ڪاوڙ ۾ فيصلا درست ناهن ٿيندا ان لاءِ اسان ڪاوڙ نٿا ڪريون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان جي ۽ اسيمبلي ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جائزو وٺو جيڪا ڳالهه هتي ٿي رهي آهي، ان جي ليول ڏسو، جنهن تي فاروق ايڇ نائڪ چيو ته عدالت کي 90 ڏينهن ۾ چونڊن واري معاملي جو جائزو وٺڻو پوندو، چونڊن لاءِ نگران حڪومتن جو هجڻ ضروري آهي. هن چيو ته چونڊيل حڪومتن جي هوندي اليڪشن ڪوئي قبول نه ڪندو هي نظريه ضرورت نه آهي. چيف جسٽس چيو ته 23 فيبروري جو معاملو شروع ٿيو ته اوهان آڱريون کنيون، هي سڀ نقطا ان وقت اٿاريا ويا، آئين ڪارروائي کي حڪومت سنجيده نه ورتو. هڪ ئي چونڊن جي حوالي سان درخواست تي حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي سربراهه اسحاق ڊار جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. اسحاق ڊار جواب اٽارني جنرل جي ذريعي سپريم ڪورٽ ۾جمع ڪرايو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته حڪومتي اتحادي ۽ اپوزيشن سڄي ملڪ ۾ هڪ تاريخ تي اليڪشن ڪرائڻ تي متفق آهن جنهن کان پوءِ عدالت شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button