اسلام آبادپاڪستان

اسد عمر،راجا خرم نواز سميت 180 ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد ؛پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف ايف آءِ آرز جو سلسلو جاري آهي ۽ گذريل ڏينهن عدليا سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍڻ تي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر، راجا خرم نواز سميت 180 ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. عمران خان جي سڏ تي تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران عدليا سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪالهه ريلي ڪڍي وئي هئي. مارگلا ٿاڻي تي تحريڪ انصاف خلاف قلم 144 جي ڀڃڪڙي سميت ٻين شقن تحت ريلي ڪڍڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر، راجا خرم نواز سميت 180 ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا اسلام آباد ۾ اهڙين غيرقانوني ريلين تي قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن کي لائوڊ اسپيڪر ذريعي آگاهه ڪيو ويو ته اوهان جي ريلي غير قانوني آهي، پر هنن حڪم جي تعميل نه ڪئي ۽ روڊ بلاڪ ڪري ريلي جاري رکي احتجاج شروع ڪيو. جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر سوشل ميڊيا ويب سائيٽ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪالهه واري ريلي کانپوءِ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا ۽ هن وقت تائين 38 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مون سميت اسلام آباد جي ٽن قومي اسيمبلي ميمبرن خلاف ڪيس آهن، اسان جو سنگين ڏوهه اهو آهي ته اسان چيو ته اسان پنهنجي آئين ۽ عدليا سان بيٺل آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button