وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ کي عدالتي سڌارن واري بل بابت پارلياماني ڪاروائي جو رڪارڊ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب حڪومت سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرل ايڪٽ 2023 تي پارلياماني ڪاروائي جو رڪارڊ طلب ڪرڻ تي عدالت کي رڪارڊ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اٽارني جنرل آفيس طرفان پارلياماني ڪاروائي جي گهربل رڪارڊ لاءِ اسپيڪر آفيس کي خط لکيو ويو آهي. ٻئي طرف حڪومتي ذريعن موجب اسيمبلي جو اسپيڪر پارلياماني ڪاروائي جي رڪارڊ جو ڪسٽوڊين آهي ۽ اهو ڪو جواز ناهي ته پارليامينٽ جي ڪاروائي جو رڪارڊ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close