پاڪستانسنڌ

ڏاهلي ۾ ڳوٺ ۾ باهه، 10 پورهيتن جا گهر سڙي رک

ڇاڇرو: ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ ڇاپر کوسا ۾ رڌپچا دوران چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب 10 پورهيتن جي گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو. ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ ڇاپر کوسا ۾ رڌپچا دوران کوسا ۽ بجير برادري جي 10 پورهيتن جي گهرن کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن سبب رمضان کوسو، شهمير کوسو، شير محمد کوسو، گل حسن کوسو، مختيار، واحد بخش، ممتاز کوسو، حليم بجير، ارباب بجير ۽ طاهر بجير جا ڪکاوان گهر سڙي رک ٿي ويا، گهرن ۾ پيل هنڌ بسترا، سون، چاندي جا زيور، اناج، کاڌي پيتي جو سامان، کٽون ۽ ٻيو سامان سڙي ويو، باهه لڳڻ دوران عورتون ۽ ٻار دانهون ڪندا ٻاهر نڪتا. ڳوٺاڻن مڙسي ڪري باهه وسائي ڳوٺ کي سڙڻ کان بچائي ورتو. باهه لڳڻ بعد متاثر ڳوٺاڻا ٻارن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن جي ضلعي انتظاميا ڪا مدد نه ڪئي. هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان کي گهر ٺهرائي ڏئي مالي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button