پاڪستانسنڌ

ٿرپارڪر ۾ بخار ۽ پيٽ جي بيماري سبب ٻار ۽ نوجوان فوت

ڇاڇرو: ٿر جي ڳوٺ سوائي ڪولهي ۾ تيز بخار ۽ پيٽ جي بيماري سبب 22 ورهين جو راجيش پٽ وشنو ڪولهي ۽ 6 مهينن جو معصوم ٻارڙو هيمراج پٽ پريمون ڪولهي فوت ٿي ويا. علائقي ۾ چوٻول آهن ته مبارڪ رند شهر جي عطائي ڊاڪٽر جي مبينا غلط علاج سبب نوجوان راجيش ڪولهي فوت ٿيو. وارثن جو چوڻ آهي ته اسان غريب ماڻهو آھيون، ڪنهن تي الزام نٿا لڳايون. ڳوٺ سوائي ڪولهي ۾ صحت جون سهولتون نه هئڻ ڪري وارث نوجوان کي علاج لاءِ مبارڪ رند شهر کڻائي آيا هئا، جتان کيس ڇاڇرو ۽ بعد ۾ مٺي ريفر ڪيو ويو، پر نوجوان مٺي پهچڻ کان اڳ دم ڏنو. ٻئي پاسي مبارڪ رند شهر جي خانگي اسپتال ۾ به گڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو. ٻنهي جا لاش هڪ ئي ڳوٺ ۽ گهر پهچڻ تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button