پاڪستانسنڌ

اڇڙي ٿر جي رهواسي ڇوڪري کي روزگار بهاني گهرائي زيادتي، وڊيو وائرل

عمرڪوٽ: اڇڙي ٿر جي ڳوٺ تڙ واءُ سمان جي رھواسي 16 سالن جي ڇوڪري سان ڪراچي ۾ جوابدار مبينا جنسي زيادتي ڪري وڊيو وائرل ڪري ڇڏي. جوابدار خلاف نينگر پنهنجي چاچي سان گڏ عمرڪوٽ ۾ سخت احتجاج ڪيو. ان موقعي تي متاثر نينگر ميڊيا سان ڳالھائيندي الزام ھڻندي چيو ته ٺيڪيدار وٽ روزگار لا ڪراچي ويس، جتي ھن رات جو بوتل ۾ نشو ملائي پياري جنسي زيادتي ڪئي ۽ وڊيو ڀري بليڪ ميل ڪيو، ٺيڪيدار ٻن مهينن تائين بليڪ ميل ڪري زيادتي ڪندو رهيو. منھنجي انڪار تي جوابدار وڊيو وائرل ڪري زندگي برباد ڪري ڇڏي. نينگر جي چاچي ٻڌايو ته جوابدار پاپولر جوس جي فئڪٽري تي ڪم ڪندو آھي، جيڪو ٿر جي رهواسي ٻارن کي روزگار بھاني سان گھرائي جنسي زيادتي ڪندو آهي. هن ايس ايس پي سانگهڙ کان گهر ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button