پاڪستانسنڌ

عمرڪُوٽ ۾ پوليس ۽ حملو ڪندڙن خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو

عمرڪوٽ: صوفي فقير واسي بنگلاڻي برادري جي ڳوٺاڻن معشوق علي بنگلاڻي ۽ منور علي بنگلاڻي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ اڳيان بااثر حملي آورن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي معشوق علي ۽ منور بنگلاڻي الزام ھنيو ته پاڻي جي واري تان مڇرجي عبدالسميع بنگلاڻي، غلام مرتضى، صدام حسين ۽ نياز حسين بنگلاڻي حملو ڪري لٺيون ۽ ڪھاڙيون ھڻي 3 ڳوٺاڻن نروار علي، رجب علي ۽ خالد حسين بنگلاڻي کي زخمي ڪيو، جوابدارن خلاف صوفي فقير ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آھي، پر پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي، ان ڪري جوابدار ٻيهر حملو ڪري مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. ھنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button