پاڪستانسنڌ

ڍوري ناري ۾ استاد کي زخمي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيا، مظاهرو

ڍورونارو: ڍورونارو ۾ بااثر زميندار ۽ سندس ڪمدار جي تشدد ۾ زخمي ٿيل رٽائرڊ استاد محمد امين ڀٽي جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو، جنهن بعد کيس حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن استاد تي تشدد ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو. ڀٽي برادري جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ پير پاڳاري جي ٿلھي آڏو گڏ ٿي احتجاج مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي محمد علي ڀٽي، روشن ڀٽي، سائين بخش ڀٽي، ڪريم ڀٽي، حاجي خان ڀٽي ۽ ٻين دانھيندي چيو ته بااثر زميندار متارو مڱريو حر جماعت سان تعلق رکي ٿو، اسان به پيرپاڳاري جا مريد آهيون، درگاھه شريف تي فيصلا ٿيڻ باوجود بااثر زميندار فيصلا نٿو مڃي. بااثر زميندار اڳ به اسان جي سوين ايڪڙن تي قبضا ڪيا آهن، هاڻ ٽي ايڪڙ زمين تي به قبضو ڪرڻ لاءِ رٽائرڊ استاد تي تشدد ڪيو. هنن پير پاڳاري کان مطالبو ڪيو ته بااثر زميندار ۽ سندس ساٿارين خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪرايو وڃي. ٻئي پاسي ايس ڊي او آبپاشي ڪانتيش ڪمار رٽائرڊ استاد جي زمين وزٽ ڪري بااثر زميندار جي نڪرندڙ واٽر ڪورس جو ڪم غيرقانوني هجڻ تي بند ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته زميندار روڊس کاتي جي عملدارن سان ملي ڪري غيرقانوني موري ٺهرائي واٽر ڪورس ڪڍي رهيو هو، جنهن جو ڪم بند ڪرايو آهي، ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button