پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ معصوم شاگرد تي تشدد، مبينا جنسي زيادتي، جوابدار گرفتار

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي ۾ نينگر کي تشدد بعد جنسي زيادتي ڪئي وئي، پوليس ڪاروائي ڪندي متاثر ٻار کي هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. رپورٽ موجب مسڻ وڏي مان مسڻ ننڍي سان تعلق رکندڙ هڪ وحشي جوابدار 12 سالن جي نينگر کي گهمائڻ جي بھاني موٽرسائيڪل تي کڻي هڪ خالي پيل زمين تي ديوين جي گهاٽي ٻوڙن ۾ وٺي وڃي تشدد ڪيو ۽ مبينا طور جنسي زيادتي ڪئي. ٻئي طرف نينگر جي گهر نه پھچڻ تي مائٽن ڳولا ۽ پڇا ڳاڇا شروع ڪئي، جنهن تي کين ڄاڻ ملي ته نينگر کي جوابدار سان گڏ موٽرسائيڪل تي ويندي ڏٺو ويو آهي، جنهن بعد نينگر جي والد پوليس کي اطلاع ڪيو. مسڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او نورالدين ملاح اطلاع ملندي ئي بروقت ڪاروائي ڪندي نينگر جي وارثن سان گڏ خالي پيل زرعي زمين جي ديوين جي گهاٽي جهنگ مان نينگر کي هٿ ڪري ورتو ۽ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. جنهن بعد متاثر نينگر جي والد جي فرياد تي جوابدار تي بدفعلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن بعد پوليس جوابدار کي چالان ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ متاثر 7 ڪلاس جي شاگرد ٻڌايو ته آئون گهر ٻاهران بيٺو هئس ته جوابدار مون کي چيو ته هل تو کي گهمائي ٿو اچان، هن مون کي موٽرسائيڪل تي کڻي وڃي مارڪٽ ڪري جنسي زيادتي ڪئي، پوليس پهتي ته جوابدار فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. متاثر نينگر جي والد ٻڌايو ته مزدور ماڻهو آھيان، پٽ سان ظلم ڪندڙ جوابدار کي سخت سزا ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button