پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ٽريزري عملدارن خلاف پ ٽ الف جو مظاهرو

ميرپورخاص: ميرپورخاص ٽريزري آفيس ۾ استادن جون آئيڊيون کولڻ عيوض مبينا رشوت طلب ڪرڻ خلاف پ ٽ الف جي سڏ تي استادن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي استاد اڳواڻن اعظم ھزاروي، شمس الدين پنھور، پيراڻو مڱريو ۽ ٻين چيو ته ٽريزري آفيس ۾ مقرر ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر نعيم لياقت ۽ اڪائونٽنٽ ڪامل مورو رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آھي، ايجنٽن معرفت ھر جائز ڪم عيوض رشوت ورتي وڃي ٿي، جڏهن ته ڀرتي ٿيل استادن جون آئيڊيون کولڻ لا 20 کان 30 سيڪڙو ڪميشن گھري پئي وڃي، ٽريزري جا عملدار رڪارڊ ڪرپشن ڪري رھيا آھن، پر افسوس احتساب ڪندڙ ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن. ھنن واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٽريزري عملدارن جي ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ڄاڻايل عملدارن کي ھٽائي آئي ڊيز کولي پگهارون جاري ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button