اسلام آبادپاڪستان

توهين پارليامينٽ بل اسيمبلي ۾ پيش،وڌيڪ غور لاءِ بل ڪميٽي حوالي

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ توهين پارليامينٽ بل 2023 پيش ڪيو ويو، وڌيڪ غور لاءِ بل کي قانون ۽ انصاف جي اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو. اسپيڪر بل تي ڪميٽي رپورٽ 7 ڏينهن ۾ طلب ڪري ورتي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيو، ان دوران ميمبر راڻا قاسم نون طرفان بل پيش ڪيو ويو. رانا قاسم نون چيو ته جيتري بي حرمتي هن ايوان جي ٿي، ان کان اڳ ڪڏهن به ناهي ٿي. هن ايوان ۾ گذريل دور ۾ لعنتون وسايون ويون. ميڊيا ۾ اسان جو ٽرائيل ۽ پارليامينٽ کي انڊر مائن ڪيو ويندو آهي. هن پارليامينٽ جي عزت هوندي ته سڀني جي عزت هوندي. پارليامينٽ جي بي حرمتي تي سزا ۽ جزا هجڻ گهرجي. قانون بابت مملڪتي وزير شهادت اعواڻ چيو ته هي اهم نوعيت جو بل آهي ۽ هن بل کي وڌيڪ غور جي لاءِ قانون ۽ انصاف ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويندو. قانون ۽ انصاف ڪميٽي هڪ ڏينهن ۾ رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪندي. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي به بل ڪميٽي ڏانهن اماڻڻ جي حمايت ڪئي پر اپوزيشن اڳواڻ بل ڪميٽي حوالي ڪرڻ جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته اهو اسان جي عزت جو مسئلو آهي. ڪميٽي ڏانهن نه اماڻيو وڃي. شيخ روحيل اصغر چيو ته هاڻ وزير صاحبان پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ لاءِ چئي رهيا آهن ته ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو. ليگي اڳواڻ جاويد لطيف چيو ته هاڻي مٽي وجهو ۽ اڳيان هلو واري پاليسي نه هلندي. ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ۽ نوازشريف کي نااهل ڪري اڳيان وڌڻ جو چيو ويو. اسان کي ڪڏهن بندوق وارا ته ڪڏهن هٿوڙي وارا جهلي وٺندا آهن. قانون ۽ انصاف واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته توهين پارليامينٽ بل قانون ۽ انصاف ڪميٽي ڏانهن وڃڻ گهرجي. راڻا قاسم نون جي سٺي ڪوشش آهي ته اهو ڪم اڳ ئي ٿيڻ گهرجي ها، اداري جي بالادستي لاءِ قانونسازي ٿيڻ گهرجي. قانون واري وزير چيو ته ادارن جو احترام ۽ رٽ قائم ڪرڻ لاءِ قانونسازي ٿيڻ گهرجي. ادارا هڪ ٻئي جي حدن ۾ دخل اندازي کان پاسو ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button