پاڪستانسنڌ

شهدادپور لڳ 7 ٻارن جو پي ڳلو ڪپي بيدردي سان قتل

شھدادپور: شھدادپور ويجھو 7 ٻارن جي پي کي ڳلو ڪپي بيدردي سان قتل ڪيو ويو. سندس زال جي رڙين تي گهرڀاتي پهتا. ان سلسلي ۾ سانگھڙ روڊ تي ڳوٺ شير خان لغاري لڳ گھر ۾ صبح سوير 7 ٻارن جي پي امولک ڀيل کي تيز ڌار واري ڪاتي سان ڪھي سندس ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو. اطلاع تي پوليس پهچي وئي ۽ لاش کڻائي سمس اسپتال آندو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس مقتول جي زال کان ڄاڻ ورتي، مقتول جي گهرواري حليمه ڀيل پوليس کي ٻڌايو ته منھنجو مڙس اسان کان ٿورو پرڀرو ستل ھو، اوچتو مون مڙس جا عجيب کونگهرا ٻڌا، مون جڏھن اٿي ڏٺو ته ھڪ نامعلوم شخص جيڪو مون کي ڏسي ٻاھر ڀڄي ويو ۽ ويجھو وڃي ڏٺم ته منھنجي مقتول مڙس جو ڳلو ڪپيو پيو ھو ۽ رت وھي رھيو ھو. مقتول جي ڀا گرڌاري ڀيل چيو ته ڀاڄائي جي رڙين تي اسان اٿي ڏٺو ته ڀا جو ڳلو ڪپيل هو. هنن گهر ڪئي ته جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button