اسلام آبادپاڪستان

ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ دهشتگردي آهي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد : اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي پشاور جي عمارتن ۽ آفيسن تي پي ٽي آءِ جي هٿياربند جٿن جي حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پي ٽي وي، پارليامينٽ ۽ ٻين سرڪاري عمارتن تي حملو ڪرڻ پي ٽي آءِ جو شيوو آهي، جوابدارن کي نه رڳو گرفتار ڪيو ويندو پر سرڪاري نقصان پڻ وصول ڪنداسين. هي احتجاج نه فساد ۽ دهشتگردي آهي. ڪالهه اربع ڏينهن پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جهڙي طرح پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪرايو ويو هو، اهڙي طرح عمران خان جي چوڻ تي ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي جي آفيسن تي حملو ڪيو ويو. هن چيو ته عورتن سميت سرڪاري عملي تي تشدد، ڀڃ ڊاهه ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ دهشتگردي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ڀارت خوش ٿي رهيو آهي ته ڪشمير تي خبرون هلائيندڙ ريڊيو کي عمران خان جي حامين باهه لڳائي ڇڏي، هي هر اهو ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سان ڀارت ۾ شادمانا وڄايا وڃن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي هٿياربند فوج چاغي يادگار ۽ ريڊيو آڊيٽوريم کي باهه لڳائي جنهن سان انهن جي ذهني حالت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان کي شرپسندن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو چيو آهي. شرپسندن سرڪاري نشريات به روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ تارون ڪٽي ڇڏيون جيڪو سنگين رياستي ڏوهه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button