اسلام آبادپاڪستان

چيف جسٽس عمران خان کي ڪرپشن ۾ اين آر او ڏئي ڇڏيو:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمران خان کي ڪرپشن ۾ اين آر او ڏئي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي لاڏلي جي ڪرپشن جو تحفظ ڪري رهيو آهي. ڪالهه وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 60 ارب رپين جي ڪرپشن جو معاملو آهي پر عدليا عمران خان جي تحفظ لاءِ ڀِت بڻجي وئي آهي. جيڪڏهن ائين ڪرڻو آهي ته ملڪ ۾ موجود سڀني چورن کي ڇڏي ڏيو. هن چيو ته نواز شريف جو روز ٽرائل ٿيندو هو، ڪاش عدليا نواز شريف کي به چئي ها ته توهان کي ڏسي سٺو لڳو پر هي ٻٽو معيار آهي، جنهن انصاف جو جنازي ڪڍي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته عمران خان فاشسٽ ڊڪٽيٽر آهي، جيڪو دعا ڪري رهيو آهي ته ملڪ جو ڏيوالو ٿي وڃي. چيف جسٽس عمران خان جي ڪرپشن جو تحفظ ڪري رهيو آهي، حڪومت آئين تي سختي سان عمل ڪندي، پو جيڪي به نتيجا نڪتا ان کي منهن ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته 16 ڊسمبر 1971ع کانپوءِ 9 مئي پاڪستان لاءِ سڀ کان ڏکوئيندڙ المناڪ ڏينهن هو، هڪ کان وڌيڪ ڀيرا چيو ويو ته ملڪ جون حالتون سريلنڪا جهڙيون هونديون ۽ اهو منصوبو 2018ع کان شروع ٿي چڪو هو، جنهن ۾ پوري قوم ورهائيجندي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button