اسلام آبادپاڪستان

سومر تي سپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻي جو اعلان،عدليا قانون کان مٿانهان فيصلا ڪري پئي:پي ڊي ايم

اسلام آباد : پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) سومر تي سپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪالهه اسلام آباد ۾ سربراهي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته 9 مئي کانپوءِ جي واقعن تي عمران خان خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جو چيو ويو، اندازو لڳايو ته عدليا ڪٿي بيٺي آهي؟ ڪهڙا آئين ۽ قانون کان مٿانهان فيصلا ڏئي رهي آهي، ڇا اها رعايت 3 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم نواز شريف کي ڏني وئي؟ هن سوال ڪيو ته ڇا اهڙي رعايت مريم نواز، فريال ٽالپر کي ڏني وئي؟ اڄ عمران خان کي وي وي آءِ پي پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي، رياست جي محافظ ادارن جي اڄ توهين ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته هاڻ سپريم ڪورٽ جي رويي خلاف احتجاج ٿيندو ۽ سومر تي اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ سامهون ڌرڻو هڻنداسين. فضل الرحمان چيو ته رياست تي طالبان حملا ڪن ته غداري ۽ ٻيو ڪو گروهه ڪري ته ان تي پابندي لڳائي ويندي آهي. جڏهن ته تحريڪ انصاف خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي، اهو افسوسناڪ آهي. پي ڊي ايم سربراهه چيو ته اسان اڳ به پرامن احتجاج ڪيو هو ۽ پرامن احتجاج ڪندا رهنداسين، پر ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪنهن اسان ڏانهن ميري اک سان ڏٺو يا هٿ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان ڏنڊن، مڪن ۽ ٿڦڙن جو جواب ڏينداسين. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان لاءِ ملڪي معيشت، اخلاق، قانون، آئين سميت سڀ ڪجهه داءُ تي لڳايو آهي. اڄ نه رڳو حڪومت کي پنهنجو فرض پورو ڪرڻو آهي پر پاڪستان جي هر شهري کي ملڪ جي آئين، جمهوريت ۽ ادارن جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پي ڊي ايم اڳواڻ چيو ته اسان واضح چوڻ چاهيون ٿا ته چيف جسٽس صاحب ٻڌو، اسان 3 -2 جو فيصلو مڃڻ لاءِ تيار ناهيون، اسان لاءِ 4 ٽن جو فيصلو عدالت جو فيصلو آهي. هن چيو ته قانون ٺهڻ کان پوءِ توهان اڪيلي ڪنهن به مسئلي جو پاڻمرادو نوٽيس نٿا وٺي سگهو، تنهن ڪري اڄ جو گڏيل اعلان آهي ته سومر تي اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي سامهون سڄي ملڪ جو عوام ۽ اسان جي پارٽي جو هر هڪ ميمبر گهر کان ٻاهر نڪرندو، سڀ ڪجهه ڇڏي اسلام آباد اچڻو پوندو، جڏهن گيهه سڌي آڱر سان نڪري ته پو آڱر کي ٽيڙو ڪرڻو پوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button