پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۾ عوامي تحريڪ اڳواڻ ڪامريڊ روپو جنڊاوڙو جو چاليهو، ڀيٽا پيش

مقصودو رند: مقصودو رند ۾ عوامي تحريڪ ضلعي سانگهڙ پاران عوامي تحريڪ سانگهڙ جي جاکوڙي اڳواڻ ڪامريڊ روپو جنڊاوڙو جو چاليھو ملھايو ويو، چاليهي ۾ عوامي تحريڪ سانگهڙ جي اڳواڻن ڊاڪٽر راڻو ڪنڍاڻي، ذوالفقار علي رند، ڀڳت پھلاج، سنڌياڻي تحريڪ جي پريمي ڀيل، جوتي ڀيل، عورتن، ٻارڙن ۽ مرحوم جي عزيزن پٽ راجو جنڊاوڙو ۽ ساٿين شرڪت ڪئي. چاليھي جي پروگرام ۾ ٽيبلوز پيش ڪيا ويا. تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر راڻو ڪنڍاڻي ۽ ٻين چيو ته ڪامريڊ روپو جنڊاوڙو عوامي تحريڪ جو سرگرم ۽ جاکوڙي اڳواڻ ھو، جيڪو ھميشه عوامي تحريڪ پاران ھلايل ھر سنڌ دشمن تحريڪ ۾ ھميشه اڳڀرو رهيو ۽ ھن آخري دم تائين عوامي تحريڪ سان نڀايو. جڏھن ته فقير دادن ڀيل فن جو مظاهرو ڪيو ۽ قومي گيت ڳايا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button