اسلام آبادپاڪستان

9 مئي تي ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ ۾ افغان شهري به ملوث نڪتا، پوليس پتو لڳائي ورتو

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري بعد 9 مئي تي ٿيل وڳوڙن، ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ جي واقعن ۾ افغان شهري به ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽ موجب 9 مئي تي سرڪاري، فوجي ۽ خانگي ملڪيتن تي حملا ڪرڻ ۾ افغاني شهري به ملوث هئا، افغان شهرين پاران وڳوڙن دوران هڪ پوليس اهلڪار کي قتل ڪرڻ جي وڊيو پڻ منظرعام تي آئي آهي، ان باوجود ڊيٽا موجود نه هجڻ ڪري پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. ذريعن موجب گرفتار ڪيل افغان شهرين طرفان ڏوهه جو اعتراف ڪيو ويو آهي، اڪثر شهرين چيو ته اسان ڪابل، مزار شريف ۽ ٻين شهرن سان تعلق رکون ٿا، هنن چيو ته عمران خان جي گرفتاري بعد تحريڪ انصاف پشاور جي ايم پي اي آصف علي خان ۽ ٻين اڳواڻن جي چوڻ تي ڀڃ ڊاهه ڪئي، پنهنجي عمل تي شرمسار آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button