اسلام آباد : حڪومت عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ۽ تحريڪ انصاف جي 9 اڳواڻن جا ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ رد ڪري ڇڏيا. حڪومت تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻن سميت 10 سياستدانن جا ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ رد ڪري ڇڏيا آهن. جن اڳواڻن جا پاسپورٽ رد ڪيا ويا، انهن ۾ شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، اعظم سواتي، فرخ حبيب، علي امين گنڊاپور، زرتاج گل، علي محمد خان ۽ ٻيا شامل آهن. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ به رد ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close