سڪرنڊ: سڪرنڊ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر شھيد اجمل ساوند جي قتل واري واقعي ۽ قبائلي جهيڙن خلاف جي ڊبليو سي جي سڏ تي سڪرنڊ ۾ قلمڪارن، وڪيلن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ريلي ڪڍي. ريلي کي خطاب ڪندي صحافي ذوالفقار خاصخيلي، ولي محمد جوکيو، قربان عمراڻي، عزيز جان، وارث نوناري ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ماڻھن ھميشه مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو آھي پر 15 سالن کان خاموشي اختيار ڪئي آھي، ثمرت ڪمار جي اغوا ۽ بازيابي وڏا سوال اٿاريا آھن، سھولتڪارن ۽ اغوا ڪندڙن کي سزائون ڏنيون وڃن، سردار ۽ ڀوتار سنڌ جي شعور کي قتل ڪرائين ٿا، جاگيرداراڻو ۽ سرداري نظام سنڌ جي ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ آھي، ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار نه پيو ڪيو وڃي، ڌاڙيلن آڏو پوليس بيوس آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close