پاڪستانسنڌ

خيرپور ويجهو ڪارنهن الزام ۾ شادي شدا عورت قتل، جوابدار گرفتار

خيرپور: خيرپور ڀرسان ڳوٺ محمود چنا ۾ ڪارنهن الزام هيٺ شادي شده عورت قتل، جوابدار گرفتار. خبر موجب خيرپور جي تعلقي سوڀوديرو ۾ ڳوٺ محمود چنا ۾ 21 سالن جي عُضران زال ارشاد چنا کي پنهنجي ئي ڀاءُ مسعود چنا ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنھن بعد جوابدار موقعي تي فرار ٿي ويو. اطلاع ملڻ بعد محمود چنا ٿاڻي جي پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ھوڏانھن ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو واقعي جو نوٽيس ورتو، جنھن کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار مسعود چنا کي گرفتار ڪري قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار پڻ هٿ ڪري ورتو آهي. جڏهن ته پوليس سرڪار جي فرياد تي گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. ٻئي پاسي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button