ٺٽو:ٺٽي ۽ مڪلي جي شھرن ۾ بجلي ۽ سئي گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ توڙي پاڻي جي کوٽ خلاف ٺٽي ۽ مڪلي جا شھري، سياسي، سماجي، قومپرست اڳواڻ سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري آيا، جن ٺٽي کان مڪلي تائين پيادل مارچ ڪري ڊي سي آفيس آڏو 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو. انتظاميا سان ڳالھيون ناڪام ٿيڻ بعد اڳواڻن جمعي ڏينھن شٽربند ھڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٺٽي ۽ مڪلي جي شھرين، سياسي، سماجي ۽ قومپرست اڳواڻن بجلي ۽ سئي گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ توڙي پاڻي جي کوٽ خلاف جلال شاھه، سينيئر صحافين اقبال جاکرو، محبوب بروھي، راجو قريشي، ڊاڪٽر شيام ڪمار، شھروز چانگ، امجد حسين شاهھ، عبدالحميد مھراڻوي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺٽي کان مڪلي 4 ڪلوميٽرن تائين پيادل مارچ ڪري ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو، مارچ ۾ پ پ ضلعي ٺٽي جي جنرل سيڪريٽري امتياز قريشي، ممتاز ميمڻ، تعلقي صدر عبدالحميد سومرو، قومي عوامي تحريڪ ضلعي صدر شبير ڀٽي، ايس يو پي ضلعي صدر عمران خشڪ، جسم ضلعي صدر امجد شورو، جست ضلعي صدر راول ڪرناڻي، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي اعجاز جاکرو، بار صدر اعزاز شاھه، سماجي اڳواڻ عزيز سرواڻ سميت سياسي، سماجي، علمي، ادبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊي سي آفيس لڳل ڌرڻي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٺٽي ۽ مڪلي تي ڪافي وقت کان پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ آھي، مٿان وري سخت گرمي ۾ بجلي جي 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪرڻ سميت 8 ڪلاڪ سئي گئس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري شھرين کي عذاب ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي، پر انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندا ڪو ڌيان ڏيڻ لا تيار ناھن، ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جا ٽرانسفارمر سڙيل آهن، ان ڪري ماڻهو پريشان آهن، شهرن ۾ صفائي جو ڪو انتظام ناهي، گٽر نالن جي صفائي نٿي ٿئي. موسميات کاتي پاران برساتن جي ڪيل اڳڪٿي باوجود انتظاميا صفائي نه ڪرائي. ھنن گھر ڪئي ته فورن پاڻي جي کوٽ ختم ڪري بجلي توڙي سئي گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري شھرن مان صفائي ڪرائي گٽر نالن توڙي سم نالن جي کاٽي ۽ صفائي ڪرائي وڃي ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪري سهولتون ڏنيون وڃن. ٺٽي کان مڪلي تائين پيادل لانگ 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻو ھڻندڙ ماڻهن جائز مطالبا حل ڪرڻ جي گھر ڪئي. جڏھن ته ڊي سي ٺٽو جي ھدايتن تي اي سي ٺٽو انيس عباسي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيو، پر ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد اڳواڻن جمعي ڏينهن ٺٽي ۾ شٽربند هڙتال ۽ آچر تي مڪلي بائي پاس تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close