پاڪستانسنڌ

کورواهه ۾ مختلف فون ڪمپنين جا نيٽ ورڪ بند هجڻ خلاف شهرين جو مظاهرو

کورواهه: کورواهه شھر ۾ موبائل نيٽ ورڪ بند هجڻ خلاف سوين صارفين پيارو لاشاري، احمد خان رند ۽ وڪيو ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته موبائل جا مختلف نيٽ ورڪ ٽيلينور، زونگ ۽ جيز جا ٽاور ٻن مهينن کان بند آھن، جنهن سسب هزارين صارفين جا هفتي ۽ روز وارا لکين رپين جا پيڪيج ضايع ٿي رهيا آهن، موبائل ٽاورن تي مقرر چوڪيدار ۽ آفيسر ٽاورن جو تيل وڪرو ڪن ٿا. هنن گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي موبائل سروس بحال ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button