پاڪستانسنڌ

دڙو ۾ ايس ايڇ او خلاف جيالن جو 5 ڪلاڪ ڌرڻو

دڙو: دڙي ۾ پ پ ڪارڪن پوليس جي مبينا زيادتين ۽ ايس ايڇ او دڙو بشير چانڊيو پاران پ پ قيادت خلاف نازيبا لفظ ڳالهائڻ خلاف پ پ جي اڳوڻي ضلعي صدر ارباب وزير ميمڻ، زاھد کڏو، غياث ميمڻ، ڊاڪٽر افضل ميمڻ، عزيز سومرو، عبدالغفور ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوزوڪي اسٽاپ تي شاميانو لڳائي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن ڪري مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، احتجاج دوران جيالن ايس ايڇ او خلاف نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ارباب وزير ميمڻ ۽ ٻين چيو ته اسان سجاول ضلعي کي منشيات کان پاڪ ڏسڻ چاهيون ٿا، منشيات فروشن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪاروائي ڪئي وڃي، ايس ايڇ او دڙو بااثر منشيات فروشن خلاف ڪاروائي بدران دڪانن ۽ ڪيبنن تي ڪم ڪندڙ ملازمن خلاف گٽڪي جا ڪيس داخل ڪري رهيو آهي، ايس ايڇ او دڙو پارٽي قيادت خلاف گٿا لفظ ڳالهايا آهن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. هنن مطالبو ڪيو ته عوام آزار ايس ايڇ او دڙو کي هٽائي ڪارڪنن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي. هوڏانهن جيالن پاران 5 ڪلاڪن تائين هنيل ڌرڻي کانپوءِ پ پ جي ضلعي صدر ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي ڌرڻي واري هنڌ پهچي پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي انصاف جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو. ان موقعي ضلعي صدر ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي چيو ته چونڊيل نمائندا ۽ سرڪاري آفيسر عوام جا خادم آهن، انهن کي عوام جا جائز ڪم ڪرڻا پوندا، اسان ڪارڪنن جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button