پاڪستانسنڌ

گجي اسڪول جو استاد رٽائرڊ، اجرڪن ۽ گلن جي ڀيٽا سان الوداع

گُجو: گجو ۾ گورنمينٽ ھائي اسڪول جي سينيئر استاد سيد رئيس احمد زيدي کي رٽائرڊ ٿيڻ تي استادن، عملي ۽ شاگردن لڙڪن، مرڪن، نيڪ تمنائن، اجرڪن ۽ گلن سان شاندار ڀيٽا پيش ڪري الوداع ڪيو. سندس تعليمي خدمتن عيوض گسٽا يونٽ گجي ۽ اسڪول جي استادن پاران گسٽا تعلقي ميرپورساڪرو جي صدر شيراز ميمڻ ھٿان مڃتا شيلڊ به کيس ڏياري وئي. ان موقعي تي سينيئر استاد رئيس احمد زيدي چيو ته ڪوشش ڪئي ته سڄي زندگي تعليم ۽ تدريس کي ايمانداري سان گذاريان. تقريب کي خطاب ڪندي شيراز ميمڻ چيو ته آئون خوش قسمت آھيان جو سائين جو شاگرد به رھيس ۽ سندس رھنمائي ۾ بحيثيت استاد ڪم ڪرڻ جو موقعو به مليو. تقريب کي استاد عبداللھ ميمڻ، نبي بخش حمائتي، عبدالرحيم جوکيو، گل حسن ميمڻ، اڪبر جوکيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي ڪلاس ڇھين کان اٺين جي شاگردن جي سالياني امتحان جي نتيجي جو به اعلان ڪيو ويو، جنھن ۾ ڪلاس اٺين ۾ خليل احمد پليجو پھرين، ارشاد علي پليجو ٻين، جڏھن تہ منور جوکيو ٽين پوزيشن ماڻي، ڪلاس ستين ۾ شاويز سومرو پھرين، محمد ڪاتيار ٻين، سليمان ميربحر ۽ سبحان اڪرم ميمڻ ٽين پوزيش ماڻي، ڪلاس ڇھين ۾ غازي خان مري پھرين، غلام مجتبى پليجو ٻين ۽ عبدالجبار پليجو ٽين پوزيشن ماڻي، جن کي ايوارڊ ۽ شيلڊون ڏنيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button