اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ عدالتي سڌارن بابت بل جو پارلياماني رڪارڊ حاصل ڪري ورتو

اسلام آباد : حڪومت جي انڪار کانپوءِ سپريم ڪورٽ عدالتي سڌارن بابت بل جو پارلياماني رڪارڊ پاڻ ئي حاصل ڪري ورتو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بئنچ سپريم ڪورٽ رولز اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف ڪيس جي شنوائي ڪئي. اٽارني جنرل اپيل ڪئي ته سپريم ڪورٽ نظرثاني قانون بڻجي چڪو آهي، جنهن کانپوءِ نظرثاني جي اختيار جو دائرو شنوائي کان وڌي اپيل جي برابر ٿي ويو آهي. سپريم ڪورٽ رولز اينڊ پروسيجر بل ۽ نظرثاني جي اختيار جي دائري کي وڌائڻ جي قانون ۾ ٿورو ٽڪراءُ آهي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ رولز اينڊ پروسيجر جي سيڪشن 4 ۽ نظرثاني قانون جي سيڪشن 6 ۾ هڪجهڙائي آهي. چيف جسٽس چيو ته قانونن ۾ هم آهنگي هجڻ گهرجي، قانون سازي سپريم ڪورٽ جي انتظامي معاملن بابت آهي، توهان کي سپريم ڪورٽ سان مشاورت ڪرڻ گهرجي ها. اسان وفاقي حڪومت جي تجويز جي آجيان ڪيون ٿا، قانون جي حوالي سان پارليامينٽ جو ٻيهر جائزو وٺڻ تمام سٺي ڳالهه آهي. جسٽس محمد علي مظهر پڇيو ته ڇا توهان پارليامينٽ ۾ معاملي کي ٻيهر وٺي ويندئو؟ اٽارني جنرل جواب ڏنو ته سپريم ڪورٽ معاملو پاڻ پارليامينٽ کي موڪلي. چيف جسٽس چيو ته اسان ائين نه ڪنداسين، اسان پاڻ ۾ مشاورت ڪري ٻڌائينداسين، ٻيو طريقيڪار اهو آهي ته اسان به ڪيس جاري رکون ۽ پارليامينٽ به جاري رکي، پوءِ ڏسون ٿا وڌيڪ تڪڙ ۾ ڪير ٿو ڪري. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عدالت گذريل شنوائي تي پارلياماني ڪارروائي جو رڪارڊ طلب ڪيو هو، اڃا تائين رڪارڊ فراهم ناهي ڪيو ويو. چيف جسٽس چيو ته اسان کي خبرن ذريعي علم ٿيو ته انهن رڪارڊ فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي پر اهو وساري ويٺا ته انهن جي ويب سائيٽ تي سمورو رڪارڊ موجود هوندو آهي. حڪومت وڏي مهربان آهي، اسان ويب سائيٽ تان سمورو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو آهي.عدالت عظميٰ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي شنوائي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button