اسلام آبادپاڪستان

سينيئر اڳواڻ پرويز خٽڪ طرفان به پارٽي عهدو ڇڏڻ جو اعلان

اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ پرويز خٽڪ به پارٽي جو عهدو ڇڏي ڏنو. ڪالهه پرويز خٽڪ چيو ته مون دوستن جي راءِ ورتي ۽ هن وقت پارٽي عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ميڊيا کي جاري ڪيل مختصر بيان ۾ هن چيو ته هو پارٽي جي ٻين دوستن ۽ ڪارڪنن جي مشاورت سان مستقبل جو لائحه عمل طئي ڪندو. پرويز خٽڪ چيو ته ٽي وي تي جيڪا پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي اها درست ناهي، اسان سوچي سمجهي فيصلو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button