پاڪستانسنڌ

مقصودي ۾ لاپتا ٻارڙي جو تشدد ٿيل لاش مليو،زيادتي جي تصديق

مقصودو رند/شهدادپور: مقصودو رند ڀرسان ڳوٺ خان رند مان گم ٿيل ڏهن ورهين جي ٻارڙي زھرا ڌي علي گل ڪنڀر جو گلشن مھر ڪالوني جي ھڪ ويران جڳھه مان لاش مليو آهي، لاش ڏسندي ئي وڏي تعداد ۾ ماڻھو گڏ ٿي ويا. اطلاع بعد پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي سمس اسپتال شھدادپور منتقل ڪيو جتي ميڊيڪو ليگل شعبي پاران نينگري سان زيادتي جي تصديق ۽ زهر ڏئي قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته نينگري جي جسم تي تشدد جا نشان موجود آهن، ساڻس زيادتي به ٿيل آھي، خدشو آهي ته کيس زهر ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، سندس عضوا سُڄيل آهن. ٻارڙي زهرا جي والد علي گل ڪنڀر جو چوڻ آهي ته سندس ڌي گذريل ڏينهن کان گم ھئي جنھن بعد ڏاڍي ڳولا ڪئي پر ڏس پتو نه پيو، صبح سوير سندس لاش مليو آهي. هن چيو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناهي، ظالمن اسان سان وڏو ظلم ڪيو آھي، انصاف ڏياريو وڃي. ٻارڙي جي والد وڌيڪ چيو ته زهرا جو دماغي توازن صحيح نه هو، مٿس تشدد جا نشان آھن، غريب مسڪين آھيون اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آھي، جوابدار پڪڙيا وڃن. ٻئي طرف ڊي ايس پي شھدادپور ايوب بروھي جو چوڻ ھو ته مقتول نينگري جي ڊي اين اي پڻ ڪرائي آهي، انتهائي شرمناڪ واقعي جي هر رُخ کان جاچ ڪئي ويندي ۽ ڪنهن سان به رعايت نه ٿيندي، ھوڏانھن نينگري جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button