ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو ۽ 13949 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 140 نوان ڪيس سامهون آيا. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چئي. هن وڌيڪ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته مريضن جو انگ 7611 برقرار رهيو، جيڪو فوتين جي شرح جو 1 ڏهائي 6 سيڪڙو آهي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته 13949 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان 140 ڪيس ظاهر ٿيا، جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو هڪ سيڪڙو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 6635721 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، جن مان 473006 ڪيسن جي تشخيص ٿي آهي، جن مان 95 ڏهائي 7 سيڪڙو يعني 452848 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 98 مريض پڻ شامل آهن.
وڏي وزير چيو ته هن وقت 12547 مريض علاج هيٺ آهن، انهن مان 12325 گهرن ۾، 202 مختلف اسپتالن ۾ ۽ 20 مريض آئسوليشن سينٽرن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 199 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن مان 13 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي.