سنڌ

“ٻڌايو ته انصاف ڪڏهن ملندو”:ام رباب عدالت ۾ روئي پئي

دادو جي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ نديم بدر قاضي جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي والد مختيار چانڊيو، ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي شنوائي ٿي, ام رباب چانڊيو پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت پهتي، جڏهن ته الزام هيٺ آيل ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ۽ ايم پي اي برهان خان چانڊيو احتساب عدالت سکر ۾ شنوائي سبب دادو جي عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيا، عدالت الزام هيٺ آيل جوابدارن جي پيش نه ٿيڻ سبب 4 ڊسمبر تائين شنوائي ملتوي ڪئي، جنهن تي ام رباب چانڊيو عدالت ۾ روئيندي چيو مون کي انصاف ڏيو، مان ڪيتري دٻا ۾ آهيان مون کي خبر آهي، مان 3 ڪلاڪ روزانو عدالت ۾ بيٺي آهيان، مان توهين عدالت نٿي ڪرڻ چاهيان پر مون کي اوهان ٻڌايو ته انصاف ڪڏهن ٿيندو، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان کي انصاف ملندو، اسان انصاف ڪنداسين، قانوني طور ڪيس ۾ ٻي ڌر کي ٻڌڻو آهي. عدالت ٻاهران ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان 4 سالن کان عدالتن ۾ اچان پئي، يتيم ٻار آهن، مان انهن کي ڪيئن فيس ڪريان پئي، مون کي خبر آهي، جاگيردار اسان کي ڊيڄارن پيا، مون کي ڪڏهن انصاف ملندو، ڇا مان ماري ويندس، پو انصاف ملندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button