پاڪستانخيبرپختونخوا

عمران خان کي قوم تي مڙهيندڙ اجتماعي توبه ڪن: فضل الرحمان

پشاور: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان ڪافرن جو ايجنٽ ٿي سگهي ٿو عوام جو نمائندو نه، ان کي مڙهيندڙ اجتماعي توبه ڪن. پشاور ۾ پي ڊي ايم جي ريلي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته موجوده حڪومت هٿ ٺوڪي آهي، جنهن ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، حڪمرانن معيشت کي عالمي ادارن وٽ گروي رکي ڇڏيو، روز جي بنياد تي مهانگائي وڌي رهي آهي، ماڻهو پنهنجا ٻار کپائڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته عمران خان ڪافرن جو ايجنٽ ٿي سگهي ٿو عوام جو نمائندو نه، عمران سياست جو غير ضروري عنصر آهي، جنهن کي قوم تي مڙهيو ويو، جن ماڻهن ان کي مڙهيو، اهي اجتماعي توبه ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button