پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ انٽرميڊئيٽ سيڪنڊ ايئر پري ميڊيڪل جي نتيجن جو اعلان

ڪراچي: ڪراچي ۾ انٽرميڊئيٽ سيڪنڊايئر سائنس پري ميڊيڪل جي سالياني امتحانن 2021 جي پهرئين مرحلي جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي. انٽر بورڊ چيئرمين موجب سائنس پري ميڊيڪل امتحانن ۾ 22 هزار 219 اميدوارن رجسٽريشن ڪرائي، 21 هزار 950 شريڪ ٿيا ۽ 20 هزار 637 ڪامياب رهيا.

انٽرميڊئيٽ سيڪنڊايئر سائنس پري ميڊيڪل جي سالياني امتحانن جي نتيجن ۾ ڪاميابي جي شرح 94 ڏهائي 2 سيڪڙو رهي. انٽر بورڊ موجب 4 هزار 684 اميدوارن اي ون، 2 هزار 795 اي گريڊ، 2 هزار 913 بي گريڊ، 3 هزار 800 اميدوارن سي گريڊ حاصل ڪيو. پري ميڊيڪل جي سالياني امتحانن ۾ 4 هزار 798 اميدوارن ڊي گريڊ، هڪ هزار 845 اميدوارن اي گريڊ حاصل ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button