پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ باهه جا وڌيڪ 2 واقعا، 100 کان وڌيڪ جهڳيون سڙي رک ٿي ويون

ڪراچي: ڪراچي ۾ وڌيڪ ٻن هنڌن تي باهه جا واقعا پيش آيا آهن. ڪراچيءَ جي علائقي لياقت آباد ۾ تين هٽي تي اڏيل جهڳين کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ جهڳيون سڙي ويون آهن، فائربرگيڊ عملي ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آڻي ورتو آھي، متاثر خاندان ٻچن سوڌو کُليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن.

متاثر خاندانن جو چوڻ آهي ته جُهڳيون سڙڻ کانپوءِ ڪابه ڇپر ڇانو ناهي بچي، اناج ۽ بسترن سوڌو سمورو سامان سڙي ويو آهي، ٻچن کي وٺي ڪيڏانهن وينداسين، اعليٰ اختيارين کي سهائتا جي اپيل ڪئي وئي آھي. جڏھن تھ چيف فائر آفيسر مبين احمد جو چوڻ هو ته اندازي موجب لڳ ڀڳ 100 جھوپڙيون هيون، جيڪي مڪمل طور تي سڙي ويون آهن، باهه لڳڻ جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، باهه لڳڻ سبب ڪو جاني نقصان به نه ٿيو آهي، هن چيو ته گذريل سال به رات جي وقت هتي ئي باهه لڳي هئي.

ٻئي پاسي ڪراچي جي علائقي صدر ۾ پارڪنگ پلازه وٽ پيٽرول پمپ تي بيٺل آئل ٽئنڪر کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي، فائربرگيڊ عملي سان گڏ پوليس ۽ رينجرز اهلڪار پيٽرول پمپ تي پهتا. فائربرگيڊ جون 3 کان وڌيڪ گاڏيون باهه وسائڻ ۾ رڌل رهيون جن باهه تي ڪنٽروڪ ڪري ورتو آهي، فائربرگيڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته آئل ٽئنڪر مان تيل نڪرڻ سبب باهه وسائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون هيون، شهرين کي پري رکڻ لاءِ علائقي کي ڪڙو چاڙھيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button