پاڪستانسنڌ

شھدادپور ۾ احساس رجسٽريشن سينٽر جي عملي خلاف عورتن جو احتجاج

شھدادپور: مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج شھدادپور ۾ قائم احساس ڪفالت رجسٽريشن سينٽر تي عورتن جي زبردست رش، رجسٽريشن ڪندڙ عملي رشوت جي بازار گرم ڪري پنھنجي مرضي سان صرف ھڪ ڪائونٽر کولي ايجنٽن معرفت في عورت کان 5 سو روپيا رشوت وٺڻ خلاف مستحق عورتن ٽنڊوآدم روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري سوين گاڏيون بيهي ويون.

رپورٽنگ ڪرڻ لا پھتل پريس ڪلب جي ميڊيا ٽيم کي رجسٽريشن ڪندڙ عملي جي نااھل ۽ ڪرپٽ انچارج جواب ڏئي اندر ئي اچڻ نه ڏنو ۽ ميڊيا ٽيم جي سامھون موبائيل فون تي ڳالھائيندي عورتن جي رش ۾ نالا وٺي چونڊ ڪري سڏي کين دروازو کولي اندر گھرائي رجسٽريشن ڪرڻ ۾ مصروف رھيو.

رش سبب ڪيتريون ئي عورتون بيھوش ٿي ويون، جن کي ٻين عورتن پاڻي ھڻي ھوش ۾ آندو، مستحق عورتن مطالبو ڪيو ته رجسٽريشن سينٽر جي انچارج ۽ ٻئي عملي جي رشوت خوري جو نوٽيس وٺي سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button