پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ميرپور خاص واسي اي ايس آئي ويڳي پٽ هٿان قتل ٿي ويو

ميرپورخاص/ڪراچي: ڪراچي جي علائقي گلشن معمار ۾ ويڳي پٽ عبدالله پنهنجي ويڳي پيءُ اي ايس آ طارق يامين راهمون کي گھرو تڪرار تان پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. مقتول طارق يامين راهمون ڪراچي جي رهواسڻ رضوانه 8 سال اڳ شادي ڪئي هئي، ڪجھه ڏينھن اڳ زال مڙس جو گھرو تڪرار تان جهيڙو هلندڙ هو، جنهن بعد زال رضوانه ۽ پٽ عبدالله گڏجي کيس قتل ڪري ڇڏيو.

مقتول طارق يامين راهمون جو ڪيس سندس ڀاءُ وڪيل خالد راهمون جي فرياد تي ڪراچي جي ٿاڻي ايس ايس ايڇ آ اي ايسٽ تي مقتول جي ٻي زال رضوانه ۽ ويڳي پٽ عبدالله تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اڃا تائين گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي. قتل ٿيل اي ايس آ طارق راهمون جو مڙھه ميرپورخاص آندو ويو. لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. مقتول طارق يامين راهمون جي پھرين گھرواري مان هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي، جيڪي ميرپورخاص رهندڙ آهن.

هوڏانهن ڪراچي پوليس موجب اي ايس آءِ طارق سيڪيورٽي 2 ۾ مقرر هو، طارق جون ٻه شاديون ٿيل هيون، هن جو پنهنجي ٻي زال سان جهيڙو ٿيندو رهندو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته زال سان جهيڙي دوران اهلڪار پنهنجي زال لاءِ پستول ڪڍيو پر هن پاڻ کي گولي هڻي ڪڍي، جيڪا سندس مٿي مان نڪري وئي. پوليس موجب فائرنگ جي وقت اي ايس آئي جي زال ۽ طارق جو ويڳو پٽ به گهر ۾ موجود هئا، اهلڪار جي ويڳي پٽ کان بيان ورتو ويو آهي، واقعي واري هنڌ تان گوليون ۽ پستول به هٿ ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button