پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ڊاڪٽرياڻي سان زيادتي، عدالت جو ڊي اين اي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: ڪراچي جي مقامي عدالت فريئر جي علائقي ۾ آمريڪا ڄائي پاڪستاني ڊاڪٽرياڻي سان مبينا زيادتي جي ڪيس ۾ ايندڙ شنوائي تي پوليس کي ڊي اين اي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت جي روبرو فريئر جي علائقي ۾ آمريڪا ڄائي پاڪستاني ڊاڪٽرياڻي سان مبينا زيادتي جي ڪيس جي شنوائي ٿي ۽ رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي گرفتار جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ هو ته مبينا زيادتي جو واقعو جوابدار جي گهر پيش آيو، فريادي طرفان درخواست ڏيندي ئي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، ڊاڪٽرياڻي جو جناح اسپتال ۾ ميڊيڪل ڪيو پيو وڃي، رپورٽ سامهون اچڻ کانپوءِ صورتحال واضح ٿي ويندي. جوابدار کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪليو ويو، جڏهن ته عدالت ايندڙ شنوائي تي پوليس کي ڊي اين اي رپورٽ پيش جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button