مٺي: مٺي ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي آئي بي اي ٽيسٽ پاس استادن 11 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف روڊن تي نڪري آيا، استادن بلاول پارڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو. جڏهن ته استادن جي احتجاج ۾ پ ٽ الف جي ضلعي صدر بادل دل ۽ ٻين يڪجهتي طور شرڪت ڪري سندن مطالبن ۽ احتجاج جي حمايت جو اعلان ڪيو. استادن جي اڳواڻي سالم سميجو، عبدالحفيظ سنڌي، ساجد جوڻيجو، عابد نهڙيو، ڪنول سنڌي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ٿر ضلعي جي استادن کي اي جي آفيس ۽ فنانس کاتي پاران 11 مهينن جون پگهارون جاري نه ڪيون ويون آھن، جنهن ڪري فاقا ڪاٽڻ تي مجبور آھيون، تعليم ۽ ناڻي کاتي جا آفيسر پگهارون جاري ڪرڻ جي صورت ۾ ڳري رشوت گهرن ٿا، محنت ڪش ۽ فرض شناس استاد آھيون ڪٿان رشوت آڻيون. هنن چيو ته ناڻي کاتي کان اجازت نامو جاري ڪرائي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽنٽ آفيسر کي اختيار ڏنا وڃن ته جيئن 6 مهينن کان وڌيڪ مهينن جون هو پگهار جاري ڪري سگهن. اسان مسلسل 13 مهينن کان ڏورانهن علائقن ۾ ڊيوٽي ڪري رهيا آھيون، هن مهل تائين اسان کي 2 مهينن جون پگهارو جاري ڪيون ويون آھن. ٻئي طرف پ ٽ الف جي ضلعي صدر بادل دل خطاب ڪندي چيو ته آئي بي اي استادن جو مطالبو جائز آھي، کين پگهارون جاري نه ٿيون ته پ ٽ الف سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close