وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي حيدرآباد- سکر ايم-6 موٽر وي لا ساڍا 9 ارب رپين جي حڪومتي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته اين ڊي ايم اي لاءِ 12 ارب رپيا منظور ڪيا ويا آهن. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، اڳوڻو وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي، مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشا غوث پاشا، مملڪتي وزير مصدق ملڪ، ناڻي بابت خاص مددگار طارق باجوا، وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مواصلات واري وزارت جي سمري تي حيدرآباد- سکر موٽر وي جي بلٽ، آپريٽ اينڊ انفراسٽرڪچر جي بنياد تي تعمير جي سلسلي ۾ حڪومت پاڪستان جي 9500 ملين رپين جي ضمانت جي جاري ٿيڻ جي منظوري ڏني وئي. اين ڊي ايم اي جي سمري تي اي سي سي ڪنهن به قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ رليف آئٽم جي اسٽاڪ جي خريداري لاءِ 12 ارب روپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ قومي صحت جي خدمتن جي 49 نين دوائن جي وڌ کان وڌ ريٽيل جي قيمت جي فڪسيشن جي حوالي سان سمري تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انهن دوائن جون قيمتون پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي ۽ ان ۾ اڪثر دوائون پهريون ڀيرو متعارف ڪرايون پيون وڃن، اي سي سي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ منصوبي لاءِ هوابازي واري وزارت لاءِ 839.12 ملين روپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. اهڙي طرح اسٽبلشمنٽ ڊويزن لاءِ 120.450 ملين روپيه، مختلف ذريعن کان حاصل خدمتن جي مد ۾ اسٽيبلشمنٽ ڊويزن لاءِ 14 ڪروڙ 5 لک 84 هزار 175 روپيه، انساني حقن واري وزارت لاءِ 116.49 ملين روپيه، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت لاءِ 70 ڪروڙ روپيه، پشاور جي علائقي شاڪس ۾ فاٽا ليويز سينٽر جي قيام لاءِ 48 ملين روپيه، يو اين امن مشن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سول آرمڊ فورسز کي ادائيگين لاءِ گهرو وزارت کي 470.82 ملين روپيه، ڪي پي ڪي جي علائقي مچني ۾ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري لاءِ تربيتي ڪيمپ جي قيام جي مد ۾ 66.336 ملين روپيه، گهرو وزارت لاءِ 347.99 ملين روپيه، سوات ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ۽ زخمين جي پونئيرن لاءِ 49.5 ملين روپيه، ڄامشورو ڪول فائرڊ پاور پراجيڪٽ لاءِ 9 هزار 145 ملين روپيه، پارلياماني معاملن واري وزارت لاءِ 48.429 ملين روپيه ۽ نيڪٽا لاءِ 110.653 ملين روپين جي فني ضمني گرانٽس جي منظوري ڏني وئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close