اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف جو چيئرمين عالمي ميڊيا کي گمراهه ڪري رهيو آهي:وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو چيئرمين عالمي ميڊيا کي ڏنل پنهنجي انٽرويوز ۾ ڄاڻي واڻي ۽ سرعام وڏي مهارت سان ڪوڙيون ڳالهين ۽ غلط بياني ذريعي گمراهه ڪري رهيو آهي، 9 مئي کانپو وارن واقعن کي انساني حقن جي پائمالي ۽ سياسي احتجاج کي دٻائڻ وارو تاثر ڏيڻ پٺيان سندس مقصد پرڏيهي تجزئي نگارن کي دوکو ڏيڻ آهي، 9 مئي جي سمورن ذميوارن کي قانون موجب سزا ملي رهي آهي ۽ مان ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهيو آهيان ته انساني حقن جي ڪٿي به پائمالي نه ٿي آهي نه ئي ٿيندي، هر ڪيس ۾ سمورا قانوني ضابطا پورا ڪيا ويندا. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين جا ملڪ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ سياسي احتجاج جي حق کي دٻائڻ وارا الزام بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ آهن، رڪارڊ جي درستگي لاءِ آئون چوان ٿو ته تحريڪ انصاف 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ڪيو اهو رياست پاڪستان تي حملو هو، اهو مذمت جوڳو عمل بدنيتي ۽ ناپاڪ ارادن تي ٻڌل هو، ڪوبه ملڪ پنهنجي سالميت تي اهڙو حملو برداشت نٿو ڪري سگهي، سڀني کي يقين رکڻ گهرجي ته ان واقعي جي ذميوارن کي قانون موجب سزا ڏني پئي وڃي، پاڪستان پنهنجي سمورن آئيني ۽ انساني حقن جو احترام ڪري ٿو ۽ انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button