اسلام آبادپاڪستان

معاشي ماهر نه آهيون، سپريم ڪورٽ معاشي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي:چيف جسٽس

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته سپريم ڪورٽ معاشي معاملن ۾ ڪا به مهارت نٿي رکي، تنهنڪري معاشي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي. سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪي ايِ ايس سي جي نجڪاري خلاف جماعت اسلامي جي درخواست تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ اسلام آباد مان وڊيو لنڪ ذريعي شنوائي ڪئي. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهو پاليسي ميٽر آهي ان جو دائرو هي عدالت ته ناهي؟ منهنجو خيال آهي ته ان معاملي تي پهريان مناسب فورم سان رابطو ڪيو وڃي. جسٽس عائشا ملڪ چيو ته هاڻ ته اداري جي نجڪاري ٿي چڪي آهي ۽ ادارو ڊگهي عرصي کان ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن تي جماعت اسلامي جي وڪيل چيو ته ان ۾ ڪيئي معاملا حل ٿيڻ جوڳا آهن، دليل پيش ڪرڻ جو موقعو ملي ته مان ان حوالي سان اهم نڪتن تي عدالت جي رهنمائي ڪرڻ چاهيان ٿو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته نجڪاري کي 18 سال ٿي چڪا آهن، ڪيئي اڳڀرايون ٿي چڪيون آهن، اوهان جي درخواست کي اَپڊيٽ ۽ اَپگريڊ ڪرڻ صحيح هوندو. چيف جسٽس چيو پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اوهان پهريان ان معاملي تي هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪريو، پوءِ سُپريم ڪورٽ اچجو، سُپريم ڪورٽ معاشي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي، معاشي معاملن ۾ سُپريم ڪورٽ ڪا به مهارت نٿي رکي، هونئن به پارليامينٽ طرفان آرٽيڪل 184 ٿري بابت ٻه قانون ٺاهيا ويا آهن، پراڻا ڪيس شنوائي لاءِ مقرر ڪري رهيا آهيون ته جيئن ڏسي سگهون ته لائيو ايشو ڇا آهي. درخواستگذار جي وڪيل طرفان ڪيس جي وڌيڪ شنوائي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي، جنهن بعد عدالت ڪيس جي شنوائي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button