اسلام آبادپاڪستان

بجيٽ ۾ لگزري آئٽمز تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو برقرار رکڻ جو امڪان، موبائيل ۽ بلب مهانگا ٿيندا

وفاقي سرڪار طرفان ايندڙ مالي سال 24- 2023ع جي بجيٽ ۾ موبائيل فون، جانورن جي خوراڪ، ڪاسميٽڪس، ڪنفيڪشنري اسمن، چاڪليٽن، ميڪ اپ جي سامان سميت 3 درجن کان وڌيڪ امپورٽيڊ شين، لگزري آئيٽم ۽ نان فائلرز تي ٽيڪس جي شرح وڌائڻ جو امڪان آهي. فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ذريعن موجب ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ 100 ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي موبائيل فون تي ڊيوٽي وڌائڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. امپورٽ ٿيندڙ انرجي سيور بلب، فانونس ۽ ايل اي ڊي مهانگا ٿيندا، امپورٽ ٿيندڙ اليڪٽرانڪ شين تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو برقرار رهدنو، جڏهن ته امپورٽيڊ ميڪ اپ جي سامان لپ اسٽڪ، مسڪارو ۽ فيس پائوڊر تي پڻ سيلز ٽيڪس جي شرح 25 سيڪڙو تائين برقرار رکڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب وارن لا استعمال ٿيندڙ امپورٽيڊ ڪلر، پالتو جانورن جي خوراڪ، برانڊڊ جوتا، عورتن جا امپورٽيڊ پرس، شيمپو، صابڻ ۽ لوشن تي به سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو رهندو. ايندڙ بجيٽ ۾ اس کان بچائيندڙ امپورٽيڊ عينڪون، پرفيوم، خانگي هٿيار، برانڊڊ هيڊ فونز، آئي پوڊز، اسپيڪر، لگزري ٿانو، امپورٽيڊ در دريون، ٽائيلز، ڪارپيٽ ۽ غاليچن تي سيلز ٽيڪس جي شرح 25 سيڪڙو برقرار رهندي، ان کانسوا امپورٽيڊ انرجي ڊرنڪس، جوس، گاڏيون، موسيقي جا اوزار، امپورٽيڊ بسڪيٽن، بيڪري ۾ ٺهندڙ شين، امپورٽيڊ چاڪليٽن ۽ ڪينڊي تي 25 سيڪڙو ئي سيلز ٽيڪس وصول ڪيو ويندو. ذريعن موجب لگزري شين تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو رهڻ سان وفاقي حڪومت کي لڳ ڀڳ 55 ارب رپين جي اضافي ڪمائي حاصل ٿيندي. ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ مجموعي طور تي 700 کان 750 ارب رپين تائين جا نوان ٽيڪس لڳندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button