پاڪستانعالمي

بلاول ڀٽو جون عراقي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقاتون، ٻطرفا لاڳاپا مضبوط بڻائڻ تي اتفاق

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي ٽن ڏينهن واري سرڪاري دوري جي موقعي تي بغداد ۾ عراقي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ۾ چيو ته پاڪستان ۽ عراق وچ ۾ گهاٽا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق وچ ۾ سفارتي لاڳاپن سميت تعاون جي مختلف پاسن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته عراق جو دورو ڪري گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته پاڪستان ۽ عراق هميشه مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو هن چيو ته پاڪستاني زيارتين جو وڏو انگ هر سال عراق اچي ٿو، اميد آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل تعاون اڃا وڌيڪ وڌندو، بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان عراق وچ ۾ گهاٽا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ٻئي طرف بلاول ڀٽو زرداري عراقي صدر ڊاڪٽر عبداللطيف رشيد ۽ وزيراعظم محمد شياع السوداني سان به ملاقاتون ڪيون.. ملاقاتن ۾ پرڏيهي وزير پاڪستان طرفان عراقي عوام ۽ حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقاتن دوران پاڪستان ۽ عراق وچ ۾ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙ اختيارين لاءِ ويزائن جي خاتمي جي پاليسي تي صحيحون ڪيون ويون ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جو به معاهدو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button