اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون، اميد آهي ته سياسي پارٽيون سهمت ٿي وينديون:سپريم ڪورٽ

سڄي ملڪ ۾ چونڊون هڪ ئي ڏينهن تي ڪرائڻ واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ به ساڳئي ڏينهن اليڪشن تي اتفاق را پيدا ٿيڻ جي اميد ڏيکاري ڇڏي، 5 مئي تي ٿيل شنوائي جو لکت وارو حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي. لکت واري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته سياسي مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ پارٽين جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، سياسي مسئلا ڳالهين ۽ اتفاق راءِ سان ئي بهتر انداز ۾ حل ٿي سگهن ٿا، اميد آهي ته سياسي پارٽيون هڪ ئي تاريخ تي سڄي ملڪ ۾ چونڊن تي سهمت ٿي وينديون، تحريڪ انصاف ۽ حڪومتي ڪميٽيون ڳالهين واري عمل تي پنهنجون پنهنجون رپورٽون جمع ڪرائن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button